جتوئي محراب خان

جتوئي، محراب خان: محراب خان جتوئي، ميان غلام شاهه جي دؤر ۾ نامور امير طور اڀري آيو. ميان غلام شاهه جي دؤر ۾ مختلف معرڪن ۾ حصو ورتائين. ميان سرفراز ڪلهوڙي جي حڪومت ۾ درٻار جو اهم ميمبر رهيو. سن 1189هه/1775ع ۾ مير بهرام قتل ٿيو، جنهن ڳالهه کان باخبر هو. هڪ سال پوءِ لياريءَ جي جنگ ۾ سرڪاري لشڪر سان گڏ وڙهيو، پر ميان غلام نبي ڪلهوڙو مارجي ويو. تڏهن مير بجار جو پاسو ورتائين. سن 1191هه/1777ع ۾ ميان عبدالنبي حڪمران بڻيو ته محراب خان نئين حاڪم جو خاص صلاحڪار بنجي ويو. مير بجار 1194/1780ع ۾ قتل ٿيو. ان وقت پاڻ ميان عبدالنبيءَ سان گڏ هو. ميان عبدالنبي قلات جي لشڪر سان چالڪ جي پل وٽ (ضلعي لاڙڪاڻي ۾) منزل انداز ٿيو، جتي مير عبدالله خان به پنهنجي فوج وٺي پهتو. ٻنهي لشڪرن ۾ خونريز معرڪو ٿيو. جنهن ۾ محراب جتوئي شهيد ٿيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو